SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اهم يا مُک مفاد


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اهم يا مُک مفاد

Vital Interest

وائيٽل انٽريسٽ

ڪنهن به ڌُر جو اهڙولازمي ۽ بنيادي مفاد ، جيڪو سندس جياپي ، وجود ۽ ترقيءَ جي لاءِ اڻ- ٽر هُجي . ان مفاد جي ذريعي جائز قومي مقصدن جي تڪميل لاءِ طئي ڪيل منزلن جي حاصلات ممڪن ٿئي ٿي . جيئن ته سگهاري سياسي سُڃاڻپ ، قومي ترقيءَ ، اداراتي جوڙجڪ ، معاشي بهتريءَ ۽ عالمي برادريءَ ۾ عزت ڀريي مقام ماڻن لاءِ هر رياست وٽ پنهنجون ترجيحون ۽ مقصد هوندا آهن ، (جن جو پورائوانتهائي ضروري هوندو آهي) ، تنهنڪري هر رياست کي چٽائيءَ سان پنهنجي مفادن جي پڌرائيءَ سان گڏ انهن جي حفاظت به ڪرڻي پوندي آهي . عام طور ’اهم مفاد‘ جو اصطلاح ٻن ملڪن جي وچ ۾ ڪنهن خاص علائقي تي ٿيل دعوائن جي حوالي سان ٿيندو آهي ، جيئن پاڪستان ۽ انڊيا ڪشميري علائقي جي جاگرافيائي اهميت کي نظر ۾ رکندي ان کي پنهنجي وجود لاءِ اهم قرار ڏين ٿا. ان جي ڪري 65 سالن دوران سندن وچ ۾ چار جنگيون به ٿي چڪيون آهن . پر عالمي طاقتن جا مفاد مُلڪي حدن کان ٻاهر به هوندا آهن ، جنهنڪري اُهي دنيا جي مختلف خطن ۾ نه رڳو زورآزمائي ڪنديون رهنديون آهن ، پرپنهنجي لاءِ سهڪاري ماحول جوڙڻ جي به ڀرپور ڪوشش ڪنديون آهن


Remember Me Also:

ڪراڀڙي

اسم خاص. تعلقي بدين ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal